آل انڊيا ڪانگريس

آل انڊيا ڪانگريس: ڀارت جي مشهور سياسي جماعت، جيڪا 28 ڊسمبر 1885ع ۾ بمبئي شهر ۾ قائم ٿي، ان جو بنيادي مقصد هندستان کي آئيني ذريعن سان نو آبادياتي حق ڏيارڻ هو. 1917ع ۾ انتهاپسند عنصرن، مهاتما گانڌيءَ جي قيادت ۾ ڪم ڪندڙ اعتدال پسند سياستدانن ۽ سڀني کي استعيفا ڏيڻ تي مجبور ڪيو ۽ ڪانگريس ۾ اڪثريت راءِ حاصل ڪري انگريزن کان سوراج جو مطالبو ڪيو. ان دور ۾ ڪانگريس جو خاص هٿيار اهنسا ۽ سول نافرماني هئا، جن کي پهريون ڀيرو 1919ع ۾ وسيع پئماني تي استعمال ڪيو ويو. ٻي مهاڀاري جنگ (1939ع) دوران ڪانگريس، سول نافرمانيءَ ۽ ڀڃ ڊاهه جي تحريڪ هلائي، ان سان گڏ ڀارت مان انگريزن کي تڙي ڪڍڻ لاءِ ’هندستان ڇڏيو‘ (Quit India) جو نعرو هنيو. نتيجي طور ڪانگريس جا گهڻا اڳواڻ گرفتار ٿيا ۽ 1942ع کان 1945ع تائين هن جماعت کي غيرقانوني قرار ڏئي، ان تي پابندي وڌي وئي. انڊيا ڪانگريس'>آل انڊيا ڪانگريس جا سنڌ ۾ ڊاڪٽر چوئٿرام گدواڻي، اين.آر. ملڪاڻي ۽ ٻيا سنڌي اڳواڻ سرگرم رهيا. ان کان پوءِ واري زماني ۾ جڏهن انگريز حڪومت سان ٻيو ڀيرو ڳالهيون ٿيون ته ان وقت هندستان جا مسلمان ’انڊيا مسلم ليگ'>آل انڊيا مسلم ليگ‘ جي پليٽ فارم تي متحد ٿي چڪا هئا، تنهنڪري ڪانگريس کي مسلم ليگ جي مطالبي موجب مسلمانن لاءِ جدا اسلامي رياست جو مطالبو تسليم ڪرڻو پيو. 14-15 آگسٽ 1947ع تي ننڍي کنڊ هندستان ۾ ٻه جدا جدا آزاد رياستون ’پاڪستان‘ ۽ ’ڀارت‘ جي نالن سان وجود ۾ آيون ۽ ڪانگريس ڀارت ۾ حڪمران پارٽي ٿي.


لفظ آل انڊيا ڪانگريسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1885.08.28  عيسوي

آل انڊيا ڪانگريس ڀارت جي مشهور سياسي جماعت،جيڪا 28 ڊسمبر 1885ع ۾ بمبئي شهر ۾ قائم ٿي.



سياسي پارٽيون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پاڪستان جمهوري پارٽي
پاڪستان مسلم ليگ فنڪشنل
آل پارٽيز حريت ڪانفرنس
پاڪستان تحريڪِ انصاف
پاڪستان پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو
ايم ڪيو ايم حقيقي
انڊين نيشنل ڪانگريس
پاپولر يونٽي
پاڪستان پيپلز پارٽي شيرپائو
آل انڊيا ڪانگريس
سياسي پارٽيون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون